تاريخ سکر

تاريخ سکر

تاريخ سکر

تاريخ سکر ( ڪتاب ):سنڌ جي نامور محقق ۽ تاريخدان رحيم خان مولائي شيدائي پنهنجي تصنيفتاريخ سکر ‘ ۾ شهر جي تاريخي قدامت بيان ڪرڻ سان گڏوگڏ جاگرافيائي ۽ سماجي تبديلين جو پڻ تفصيلي ذڪر ڪيو آهي . مصنف هن ڪتاب کي سورهن بابن ۾ ورهايو آهي . باب پهرين ۾ مهراڻ ، سکر ۽ بکر بابت ، ٻاب ٻئي ۾ سکر جي تاريخ بابت ، باب ٽئين ۾ اسلامي فتوحات بابت ، باب چوٿين ۾ سکر غلام سلاطين دور ۾ ، باب پنجين ۾ سکر خلجي دور ۾ ، باب ڇهين ۾ سکر تغلق دور ۾ ، باب ستين ۾ سکر ارغونن ۽ ترخانن جي دور ۾ ، باب اٺين ۾ سکر مغلن جي دور ۾ ، باب نائين ۾ ڪلهوڙا دور ، باب ڏهين ۾ ميرن جو دور ، باب يارهين ۾ انگريزن جو دور ۽ سکر نئون ، باب ٻارهين ۾ سکر ويهين صديءَ ۾ ، باب تيرهين ۾ سکر جي مسلمانن جي سياسي حالت ، باب چوڏهين ۾ سکر جا قديم رهاڪو ۽ معزز ماڻهو ، باب پندرهين ۾ بکر ۽ سکر جا فارسي شاعر ۽ باب سورهين ۾ سکر جا سنڌي ، سرائيڪي ۽ اردو شاعر . هن تاريخي ڪتاب جو پهريون ڇاپو سنڌي ادبي بورڊ طرفان 1992ع ۾ ڇپيو ۽ ٻيو ڇاپو ڊيمي سائيز جو 363 صفحن تي مشتمل سنڌي ادبي بورڊ طرفان 2005ع ۾ شايع ٿيو آهي ، جنهن جي قيمت 180 رپيا ڄاڻايل آهي .


هن صفحي کي شيئر ڪريو